تاريخ جاتي1

تاريخ جاتي (ڪتاب ):جاتي تعلقي جي تاريخ بابت هيءُ ڪتاب نامياري اديب رسول بخش تميميءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو انتساب نالي واري اديب ۽ استاد عزيز جعفراڻيءَ جي نالي ڪيل آهي، ڪتاب ۾ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري ۽ عبدالقادر منگيءَ جا تاثر شامل آهن. هي ڪتاب يارهن بابن تي مشتمل آهي، باب پهرئين ۾ ٺٽي ضلعي جو تعارف آهي، باب ٻئي ۾ جاتي تعلقي جو جاگرافيائي جائزو، باب ٽئين ۾ تاريخ ۽ آثار قديمه، باب چوٿين ۽ باب پنجين ۾ جاتي جي تعليم، باب ڇهين ۾ شاعري ۽ اديب، باب ستين ۾ لوڪ ادب ۽ سگهڙ، باب اٺين ۾ اولياءَ، فقراءَ، عالم ۽ فاضل، باب نائين ۾ جاتيءَ جو سياسي جائزو، باب ڏهين ۾ جاتي جا مشاهير، باب يارهين ۾ سياسي سماجي شخصيتن جو ذڪر ڪيل آهي. ان کان علاوه ڪجهه مواد ضميمي طور شامل آهي، جاتيءَ جي ڪجهه خاندانن جا شجرا به ڏنل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ ببلوگرافي ۽ ڏسڻي پڻ شامل آهي. 226 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 35 رپيا آهي، هي ڪتاب مغلڀين ادبي سوسائٽي، جاتيءَ پاران حيدري پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1987ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو